حيدر آباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته نصرالله گڏاڻي جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي، نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث ڪردارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته نصرالله گڏاڻي سنڌ جي اندر مسلط ڪيل جاگيرداري ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف آواز اٿاريو جنهن سبب کيس گولين جو کاڄ بڻايو ويو. 17