ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو چار ڏينهن ڳولين جو کاڄ بڻجي سخت زخمي صحافي نصرالله گڏاڻي جو نيٺ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ساھ جو سڳو ٽٽي پيو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيو،جنهن کانپوءِ شھيد صحافي جو لاش ڪراچي کان ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ قبول خان گڏاڻي طرف روانو ڪيو ويو، ميرپورماٿيلو جي عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي چار ڏينهن اڳ ڳوٺ قبول خان گڏاڻي کان صبح جو يارهين وڳي شھر طرف اچي رهيو هو ته چانڊيا پمپ ٽو وٽان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي کي ٽي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن بعد مقامي ماڻهن پوليس کي اطلاع جنهن بعد پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پھچايو جتي سھولت جي شديد کوٽ سبب صحافي نصرالله گڏاڻي کي رحيم يارخان جي شيخ زيد اسپتال علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو. جتي سندس صحافي دوست ۽ ساٿي علاج مان مطمئن نه ٿيا ۽ چيو ته اسان کي مريض کي بنادير جي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪري علاج ڪرايو وڃي، جنهن جو ڪالهه صبح ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. جنهن بعد شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جو مڙهه ڪراچي کان ميرپورماٿيلو پهچي ويو، صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي مڙھ مٿان ڪراچي کان ميرپورماٿيلو تائين هر شهر ۾ گلن جي ورکا ڪري سندس جو آخري ديدار ڪيو ويو، صحافي جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجهو چار ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ صحافي نصرالله گڏاڻي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اطلاع تي گڏاڻي برادري سميت سياسي سماجي اڳواڻن توڙي ضلعي گهوٽڪي جا سوين صحافي ايس ايس پي آفيس ميرپور ماٿيلو پهچي ويا، ميرپورماٿيلو جي ارڏي ۽ بيباڪ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نيشنل هائي وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جڏهن ته ڌرڻو مسلسل 12 ڪلاڪ جاري رهيو، ۽ ٻنهي پاسن کان روڊ بلاڪ ٿي وئي، جنهن سبب هزارين گاڏيون بيهجي ويون، جنهن جي اڳواڻي گڏاڻي برادري جي ماڻهن سياسي سماجي اڳواڻن فقير رمضان ڪلوڙ،ايس ايس پي اڳواڻ اڪرم ميتلو، وڪيل عبدالمجيد ميراڻي، وقار بوزدار، ڄام فتاح سميجو، حيدر خان شر،سُھل ڪلوڙ ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته اڳواڻن سنڌ حڪومت توڙي ضلعي پوليس انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي پُڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ هن ڀوتارن کي آئينو ڏيکاريو آهي، جنهن تي ڀوتار کين سخت ناراض هئا، هنن پڌيڪ چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي وڏيرا شاهي کي تسليم نه ڪيو، جو اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي، هنن چيو ته ضلعي گهوٽڪي پوليس انتظاميه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل هن مهل تائين نه ظاهر ڪيا آهن، ۽ نه وري انهن کي گرفتار ڪري سگهي آهي، ڇو ته پوليس بااثر وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ مصروف آهي، هنن وڌيڪ چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاي جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ هميشه لاءِ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويندو، ٻي پاسي ميرپورماٿيلو جي سوين شهرين پاران پنهنجو ڪاروبار بند رکي احتجاج ڌرڻي ۾ پهتا.. شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي جنازي نماز ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ گڏاڻي برادري سميت سياسي سماجي اڳواڻن توڙي صحافين شهرين سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنازي نماز کان پوءِ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو..