عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران 3 ڏينهن سوڳ، سومر تي احتجاج جو اعلان

ڪراچي: ظلم ۽ جبر خلاف سگهارو آواز بڻجي مظلوم ۽ محڪومن جا درد رپورٽ ڪندڙ عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي بيرحماڻي قتل خلاف عوامي آواز ميڊيا گروپ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي 27 مئي سومر جي ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. عوامي آواز ميڊيا گروپ، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس( پي ايف يو جي)، صحافتي تنظيمن، پريس ڪلبن، انساني حقن جي تنظيمن، شاگردن، هارين ۽ مزدورن، قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتن، سول سوسائٽي، اديبن ۽ دانشورن کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي صحافتي ذميوارين جي پاسداري ڪندي هيڻن ۽ ڪمزورن جو آواز بڻيو، هن پنهنجين لکڻين ۾ هر ڏاڍ ۽ جبر کي للڪاريو هو، تنهن ڪري ئي هو شهيد ڪيو ويو. عوامي آواز سٿ سنڌ جي شعور سان مخاطب ٿيندي چيو ته هن سٿ سان سلهاڙيل سمورا ساٿي ڪنهن به جبر ۽ ڏاڍ آڏو نه جهڪندا ۽ هر ظلم ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائي نئون سماج اڏڻ واري خواب کي سانڀيان بڻائيندا. عوامي آواز سٿ اهو پڻ چيو ته سنڌ ۾ هٿ سان خونريزي ڪرائي باشعور ماڻهن کي مارائي شعور جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، پر اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا پوئلڳ آهيون ۽ ڊڄڻ وارن مان ناهيون. عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ سندس ٽيم، بهادر ۽ ارڏي صحافي عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي مزاحمتي صحافت ۽ ڏنل قرباني کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي هن واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪرائڻ گهرجي ته جيئن قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار پڌرا ٿي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهن ۽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف ٿي سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.