شهيد نصر الله گڏاڻي جا قاتل بزدل آهن: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري به افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي وارثن ۽ اداري لاءِ تعزيتي پيغام جاري ڪيو.
گونر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته نصر الله گڏاڻي هڪ بهادر صحافي هو، هن جا وڊيوز ڏسي بهادري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
هن جو چوڻ هو ته نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار بزدل آهن، جيڪي پاڻ مٿان تنقيد برداشت نٿا ڪري سگهن.
ڪامران ٽيسوري ٻڌايو ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي جا قانون موجود آهن پر سنڌ ۾ صحافين کي سچ چوڻ تي قتل ڪيو ويندو آهي.

JusticeForNasrullahGadani Journalist KamranTessori

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.