ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ايس يو پي جي صدر زين شاھ سان رابطو ڪري سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف 29 مئي تي ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي ميزباني ھيٺ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جي دعوت ڏني ٻنھي اڳواڻن سنڌ ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ان کي حڪومت نا اھلي قرار ڏنو. سيد زين شاہ چيو ته حڪمرانن جي غفلت ۽ ڪرپشن جي ڪري اڄ سنڌ نازڪ دور ۽ عوام زندگيءَ جي بنيادي سھولتن کان به محروم آھي . محمد حسين محنتي چيو ته نا اھل قيادت ڪري اڄ سنڌ سورن ۾ آھي پھريان جڏھن سول حڪومتون ناڪام ٿينديون ھيون ته گورنر راڄ لڳندو ھو. ھي پھريو دفعو آھي جو سنڌ حڪومت جي ناڪامي تي ڌاڙيل راڄ لڳايو ويو آھي. ھوڏانھن جماعت اسلامي جي وفد جي يو آء سنڌ جي نائب امير مولانا عبدالڪريم عابد سان ملاقات ڪري پڻ اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.