جيمز اينڊرسن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ واري فيصلي تي ” پڇتائڻ“ لڳو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ليجنڊري فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن چيو آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن رٽائرمينٽ واري فيصلي تي ” پڇتائيندو “ آهي.
پرڏيهي مييا موجب، جيمز اينڊرسن چيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موقعا ايندا آهن جڏهن هو رٽائرمينٽ واري فيصلي تي پڇتائيندو آهي پر هو پنهنجي فيصلي تي خوش آهي.
فاسٽ بالر چيو ته هو ذهني طور وڌيڪ ڏهن ورهين تائين کيڏڻ لاءِ تيار آهي پر ظاهر آهي ائين حقيقي طور تي ممڪن نه آهي.
هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن صبح جو اُٿندو آهيان ۽ چوندو آهيان ته ڪاش مان رٽائر نه ٿيان ها پر مان پنهنجي فيصلي تي 90 سيڪڙو خوش آهيان.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته راندين ۾ سڀني کي چاليهه ورهين جي عمر کانپوءِ رٽائر ٿيڻ جو موقعو ناهي ملندو، ڊگهو عرصو انگلينڊ جي نمائندگي ڪرڻ تي خوش آهيان.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جيمز اينڊرسن عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، ڏهه جولاءِ تي لنڊن جي تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز خلاف شيڊيول ٽيسٽ ميچ جيمز اينڊرسن جي ڊگهي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.