وفاقي گهرو وزير نيشنل رجسٽريشن پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ نادرا بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيشنل رجسٽريشن پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
محسن نقوي جي صدارت هيٺ نادرا بابت جائزي اجلاس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، اجلاس ۾ نيشنل رجسٽريشن پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
گهرو وزير موجب پاليسي سان شهريت داخل ڪرڻ جي عمل کي شفاف ۽ فول پروف بڻايو ويندو، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ شهريت جو يقيني هجڻ انتهائي اهم آهي.
محسن نقوي چيو ته ان پاليسي تي سڀني صوبن جو اتفاق به حاصل ڪرڻو پوندو، يونين ڪائونسل کي ان حوالي سان بنياد جو درجو حاصل آهي، نادرا جي يونين ڪائونسلز تائين پهچ ان سلسلي ۾ انتهائي ضروري آهي.
اجلاس ۾ 6 وڏن شهرن ۾ نادرا سينٽرن ۾ واڌ جي پلان جو جائزو ورتو ويو، گهرو وزير هدايت ڪئي ته عوام جي سهولت لاءِ خدمت مرڪزن ۾ به نادرا ڪائونٽرن جي شروعات ڪئي وڃي.

mohsinnaqvi nadra govtofpakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.