جنسي طاقت جو خزانو ۽ صحت جا انوکا فائدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن ڪنهن کي خبر هجي ته گهر جي رنڌڻي ۾ ئي اهڙيون ڪيتريون ئي شيون موجود هونديون آهن جيڪي صحت جي انيڪ فائدن واريون هجن ٿيون انهن شين جي استعمال سان صحت جا ڪيترائي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.

اهڙي ئي حوالي سان اسان پنهنجي رنڌڻي ۾ موجود بصرن جي فائدن کان به جيڪڏهن باخبر هجئون ته اڄڪلهه جي وڏي مسئلي کي ماڻهو ڪجهه سمجهي ئي نه.

ڪيميڪل واري کاڌن، بيروزگاري، گهريلو پريشانين سميت ٻين مسئلن جو شڪار ماڻهو کي اڄڪلهه جنسي ڪمزورين جو شڪار بڻجي رهيا آهن، اهو مسئلو نه رڳو اسان جي ملڪ پر عالمي ليول تي ايترو وڌي ويو آهي جو هڪ سائنسي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته هر پنج يا ڏهه سالن ۾ انسان جي جسم مان اسپرمز جو تعداد ايترو گهٽبو پيو وڃي جو ايندڙ ٿوري عرصي کانپوءِ انسان جو وجود خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهو اسپرم گهٽجڻ وارو عمل ايتري تيزي سان وڌي ٿو جو هر سال ان جي گهٽجڻ واري انگ ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿيندي پئي وڃي.

اها ڳالهه آهي ته پريشان ڪندڙ پر جيڪڏهن پنهنجي خوراڪ تي ڌيان ڏجي ته اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي.

جسماني ڪم ڪار مطلب جسم جو متحرڪ رهڻ به اڄ جي دور ۾ گهٽبو پيو وڃي جيڪو به ان مسئلي کي وڌائڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

جنهن ماڻهوءَ کي ٻار پيدا ٿيڻ واري عمل جي سائنسي ڄاڻ هوندي ته کيس اها ضرور خبر هوندي ته حقيقت ۾ ڇوڪرين جي پيدا ٿيڻ ۾ به ڪٿي نه ڪٿي ڪمزوري جو راز لڪل هوندو آهي. ائين ناهي ته ڇوڪرين جي پيدائش تي پريشان ٿيڻ گهرجي پر اهو طاقتور سيل نه هجڻ جي ڪري به ٿيندو آهي.

ٻئي نمبر تي انٽرنيٽ جي سهولت ماڻهوءَ کي جيترا فائدا ڏنا آهن انهن کان وڌيڪ نقصان پڻ ڏنا آهن، هڪ ته الٽرا وايوليٽ ريز انسان جي اک واري ريٽينا سميت دماغ جي پاڻيٺ کي بوائل ڪري دماغي صلاحيتن کي متاثر ڪن ٿا جنهن جو اثر گڏيل صحت تي پوي ٿو، وري انٽرنيٽ تي موجود جنسي مواد جي ڪري اڄ جا نوجوان وقتي طور لطف اندوز ٿيڻ جي چڪر ۾ پنهنجي وجود کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن.

ڳالهه جو مقصد ته جنسي ڪمزوري انسان جي لاءِ وڏو مسئلو آهي، جيڪڏهن اهو مسئلو ڪنهن کي ٿي پوي ته اهو سماج ۾ شرمندگي جو شڪار بڻبو آهي ڇو ته اسان جي سماج ۾ جنسي طاقت وارن کي ئي مرد تسليم ڪيو وڃي ٿو جيڪو غلط عمل ۽ هڪ الڳ موضوع آهي.

جنسي ڪمزورين ۾ مبتلا ماڻهن کي ڪهڙي به حوالي سان پريشان ٿيڻ يا شرمندا ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، سڀ کان پهريون ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته اهو هڪ مسئلو آهي جيڪو حل ڪري سگهجي ٿو.

ڳالهه کي وڏو ڪرڻ بدران اسان اچون ٿا گهر ۾ موجود سبزي بصرن جي فائدن تي.

بصرن جي استعمال جي ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته اهي تقريبن هر ڀاڄي ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن، چانور پچائڻ جي لاءِ به انهن جو داڳ پچايو ويندو آهي.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته بصر صحت جي ٻين ڪيترن ئي فائدن سميت وڏي ۾ وڏي جنسي مسئلن جو به حل آهن؟

اڄ اسان اوهان کي بصرن جي جنسي فائدن بابت ٻڌائينداسين، بصرن جو استعمال بي اولاد ماڻهن کي اولاد جهڙو بڻائڻ  ۾ به وڏو مددگار هوندو آهي.

بي اولادي جو هڪ وڏو سبب مرداڻي ڪمزوري به هوندو آهي جنهن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر مختلف دوائون کائڻ ۽ سرجريون ڪرائڻ جي تجويز ڏيندا آهن، اهڙا ماڻهو جيڪڏهن روز بصرن جو جوس پيئن ته انهن جي اها ڪمزوري ختم ٿي سگهي ٿي ۽ اهي اولاد جي نعمت ماڻي سگهن ٿا.

جيڪڏهن بصرن جو جوس پيئڻ ڏکيو لڳي ته صبح جو نيراني وچولي حجم جو بصر صاف ڪري ڪچو کائڻ گهرجي، جڏهن ته منجهند جي وقت بصرن جو سلاد کائڻ کي معمول بڻايو وڃي ته جنسي ڪمزوري ختم ڪري سگهجي ٿي.

نه رڳو ايترو پر جن ماڻهن کي نڪهري(نڪ مان رت جو اچڻ) جو مسئلو هجي ته بصر انهن جي لاءِ به تمام فائديمند هوندو آهي ان لاءِ بصر کائڻ بدران بصر سنگهڻ سان ئي مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو. اهڙي ماڻهن کي گهرجي ته بصرن کي ڪٽي ڏينهن ۾ ٽي کان چار ڀيرا انکي سنگهڻ سان انهن کي نڪ مان رت اچڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو.

ڊپريشن/بيقراري

بصرن ۾ فوليٽ نالي هڪ اهم جز موجود هوندو آهي جيڪو وٽامن بي نوَ جو ٻيو نالو هجي ٿو اها وٽامن ڊپريشن جي خاتمي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ان جي استعمال سان ذهني دٻاءَ مان ڇوٽڪارو ملندو آهي ۽ اهو ڊپريشن جو سبب بڻجڻ واري عنصرن جو خاتمو ڪندو آهي. خراب موڊ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪچا بصر کائڻ سان وڏو فائدو ملندو آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي تازو محسوس ڪندو آهي.

ڏند سڙڻ

سلاد ۾ ڪچا بصر چٻاڙڻ بصرن جي صحت لاءِ تمام فائدن وارا هوندا آهن، بصرن ۾ اهڙا جز هوندا آهن جيڪي نقصانڪار بيڪٽيرياز کي ختم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏيندا آهن. روز بصرن کي ٿوري وقت لاءِ چٻاڙڻ سان وات جي بيمارين ۽ ڏند سڙڻ سميت ڏندن جي ڪمزورين ۽ ٻين مسئلن کان به بچي سگهجي ٿو.

نزلو زڪام

بصرن جي تاثير ٿڌي هئڻ جي ڪري ماڻهو سمجهندا آهن ته بصر کائڻ سان زڪام ٿئي ٿو پر حقيقت ۾ اهي زڪام ۽ نزلي جي خاتمي لاءِ به تمام اهم کاڌو آهن. موسمي تبديلي يا ڪنهن به سبب جي ڪري نزلي زڪام جو شڪار ماڻهن کي مهانگا سيرپ استعمال ڪرڻ بدران بصرن جو سيرپ ٺاهي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا پيئڻ گهرجي جيڪو انهن جي لاءِ فائدن وارو آهي جڏهن ته ان ۾ ڪي ناڪاري اثر به ناهن ٿيندا. ان لاءِ بصر کي ننڍن ٽڪرن ۾ ڪٽي هڪ گلاس پاڻي ۾ پسائي رکو، اٺ ڪلاڪن کانپوءِ ان پاڻي کي ڇاڻي ڪنهن بوتل ۾ وجهو ۽ ٿورو ٿورو استعمال ڪيو.

ڪن جو سور

ڪن جي اندر ڪڏهن ڪڏهن انفيڪشن جي صورت ۾ سور ٿيندو آهي اهو سور تمام گهڻي تڪليف ڏيندڙ هجي ٿو انڪري هڪ بصر کي پاڻي ۾ ايستائين اٻاريو جيستائين اهو بصر نرم ٿي وڃي انکانپوءِ ان بصر کي ململ جي ڪپڙي ۾ نپوڙيو، ان مان نڪتل عرق کي ٿڌو ڪري ٻه ٽي ڦڙا ڪن ۾ وجهڻ سان ٿوري ئي دير ۾ ڪن جو سور ختم ٿي ويندو.

بصرن جي حوالي سان هڪ پراڻي دور جو قصو به مشهور آهي ته جنسي ڪمزوري جو شڪار هڪ همراهه ڪنهن حڪيم ڏي وڏي سفارش ڪرائڻ کانپوءِ ويندو آهي ۽ کيس مسئلو ٻڌائيندو آهي، حڪيم کيس چوندو آهي ته هونئن ته توهان کي ڪَک ٺاهي ڏيان ها پر توهان جيڪا سفارش آندي آهي ان لاءِ مان توهان کي سڄو جو سڄو علاج ئي ٻڌايان ٿو، حڪيم کي کيس هڪ بصر ۽ هڪ بليٽ ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته هڪ بصر روز صبح جو کائو ۽ جسم جي وارن جي صفائي روز ڪيو، توهان ڀلي سئو سال جا پوڙها به ٿي ويندا پر توهان کي جنسي ڪمزوري ڪڏهن به نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.