واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا نيپالي ڪرڪيٽر سنديپ لاميچاني کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سنديپ لاميچاني کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ نيپال جي نمائندگي ڪرڻي آهي جنهن لاءِ سندس آمريڪي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيو ويو هو.
ان حوالي سان سنديپ لاميچاني سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي مداحن کي آمريڪي ويزا لاءِ ڏنل درخواست رد ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو .
ياد رهي ته نيپالي ڪرڪيٽر سنديپ لاميچاني کي گذريل سال ناري سان جنسي زيادتي جي الزام هيٺ سزا ملي هئي، جڏهن ته نيپال جي هڪ عدالت ڪجهه ڏينهن اڳ کيس سمورن الزام مان آجو قرار ڏنو هو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جا مقابلا ٻه جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندا.
You might also like