ڪراچي: انٽرميڊئيٽ جي امتحانن جي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ انٽرميڊئيٽ جا ساليانا امتحان هاڻ 28 مئي بدران پهرين جون کان شروع ٿيندا.
اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي وزير محمد علي ملڪاڻي جي هدايت تي نين تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي انٽرميڊئيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ساليانا امتحان هاڻ 28 مئي بدران پهرين جون کان شروع ٿيندا، گرم موسم سبب ميٽرڪ جا ملتوي ٿيل پرچا هاڻ 28 مئي کان ٿيندا.
واضح رهي ته انٽرميڊئيٽ جا امتحان 22 مئي کان شروع ٿيڻا هئا پر سنڌ ۾ سخت گرمي سبب تاريخ تبديل ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.