يورپي يونين دنيا جي پهرين اي آءِ قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي

يورپي يونين دنيا جي پهرين اي آءِ قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
يورپي يونين ڪونسل طرفان آرٽيفشل انٽليجنس ايڪٽ تي منظوري ڏني وئي آهي.
بيلجئم جي نائب وزير اعظم هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته هڪ تاريخي ڏينهن، اسان اي آءِ قانون کي دنيا ۾ اهڙي طرز جو پهريون قانون بڻايو آهي جنهن ۾ آرٽيفشل انٽليجنس جي خطرن سان پنهنجي شهرين ۽ ڪاروباري ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
مختلف سسٽمز ۽ اي آءِ جي قسم کي مدنظر رکندي مختلف ڪيٽيگريز ذريعي قانون جو اطلاق هوندو.
جنهن سسٽم کي وڌيڪ خطرا هوندا، ان تي وڌيڪ سخت قانون ٺاهيا ويندا.
يورپي ڪونسل طرفان گورننگ باڊيز جوڙي قانون جي اطلاق کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
هن قانون ذريعي هڪ اي آءِ آفيس، خود مختار ماهرين هڪ پينل، اي آءِ بورڊ ۽ ايڊوائزري فورم به جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته عام استعمال جي اي آءِ ماڊلز کي به ريگيوليٽ ڪيو ويندو.
قانون جو باظابطا طور مڪمل اطلاق 2026 کان هوندو پر سوشل اسڪورنگ، سي سي ٽي فٽيج ۽ انٽرنيٽ تي موجود چهرن جون تصويرون ۽ ٻين مقصدن لاءِ قانون ڇهن مهينن بعد لاڳو ٿيندو.
قانون جي ڀڃڪڙي تي 75 لک يورو سان ساڍا 3 ڪروڙ تائين ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي سگهجي ٿي.

Artificial Laws europeanunions

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.