ڀارت جي ليجنڊري ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي گهر جي ٻاهران لڳل نالي واري تختي جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي جنهن کانپوءِ سندس اِها پوسٽ وائرل ٿي وئي آهي.
ڪيئي عالمي برانڊز جي سفير ثانيا مرزا اڪثر سوشل ميڊيا تي پنهنجي پٽ، ڀاڻيجي دُعا ۽ ڀيڻ انعم مرزا سان خوشگوار موڊ ۾ تصويرون شيئر ڪندي رهندي آهي.
هاڻ وري ثانيا مرزا انسٽاگرام اڪائونٽ تي گهر ٻاهران لڳل پنهنجي ۽ پنهنجي پٽ جي نالي جي تختي جي نئين تصوير شيئر ڪئي آهي.
ان پوسٽ ۾ ڪجهه فطري منظرن سان ثانيا مرزا پنهنجون، دوستن، ڀيڻ ۽ ٻارن سان گڏ به تصويرون شيئر ڪيون آهن.
ان کانسواءِ ثانيا مرزا هڪ ڪافي جي ڪوپَ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن تي ” خوش رهڻ جي چونڊ ڪريو “ جهڙا لفظ لکيل هئا.
You might also like