اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي وفد گذريل ڏينهن حملي ۾ زخمي ٿيندڙ تحريڪ انصاف اڳواڻ رئوف حسن سان ملاقات ڪري خيريت معلوم ڪئي.
گڏيل قومن جو 5 رڪني وفد رئوف حسن سان ملاقات لاءِ تحريڪ انصاف جي اسلام آباد ۾ قائم مرڪزي سيڪريٽريٽ پهتو، جتي هن رئوف حسن کان خيريت معلوم ڪئي.
اطلاعن موجب وفد ۾ ٽي ماڻهو نيو يارڪ ۽ ٻه اسلام آباد آفيس جا هئا، ملاقات ۾ بئريسٽر گوهر، عمر ايوب، خالد خورشيد ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.
pti uno raufhassan