ڳڙھي خيرو (ن ع آ)دوداپور ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري ھوٽل تي ڪم ڪندڙ 2 سڳا ڀائر نادر دستي ۽ زاهد دستي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پرويز علي دستي، صدرالدين دستي ۽ نور محمد ڪٽوھر شامل آهن، واقعو جو ڪارڻ پراڻو تڪرار ٻڌايو وڃي ٿو، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيندڙ 2 ڀائر ڳوٺ رسول آباد دستي جا ٻڌايا وڃن ٿا، فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي دوداپور پوليس پھچي 2 ڀائرن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ڳڙھي خيرو آندا ويا،ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.