ڪراچي (م ڊ)ميڊيا تنظيمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پنجاب هتڪ عزت واري بل خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو فيصلو جوائنٽ ايڪشن ڪميشن جي ورچوئل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي ايف يو جي ۽ ايمنڊ جي نمائندن شرڪت ڪئي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پنجاب هتڪ عزت واري بل 2024 کي ڪارو قانون قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته رات جي اونداهي ۾ اسٽيڪ هولڊرن سان بنا مشاورت جي ڪارو قانون ٺاهيو ويو آهي، سياسي پارٽين، انساني حقن جي تنظيمن سان گڏجي بل کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته بل خلاف ڪوريج جي بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن سميت هر آپشن تي غور ڪيو ويندو.