اهڙو ليپ ٽاپ اچي ويو جنهن کي بغير چارج جي سڄو ڏينهن هلائي سگهجي ٿو

ڪيترن ئي مهينن کان اهي رپورٽس اچن پيون ته مائيڪرو سافٽ طرفان آرٽيفيشل انٽليجنس (اي آءِ) ڪمپيوٽرز جي تياري جو ڪم جاري آهي.
هاڻي ڪمپني طرفان هڪ ايونٽ دوران ان حوالي سان اعلان ڪيو ويو آهي.
مائيڪرو سافٽ ڪوپائيلٽ پلس نالي ڪمپيوٽرز متعارف ڪرائي وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو نئين طرح جي ونڊوز پيش ڪندو.
ان ڪمپيوٽرز يا ليپ ٽاپس ۾ اهڙن هارڊويئر جو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو جنريٽوو اي آءِ کي پائلٽ ماڊل جو ڪلائوڊ بجاءِ مشين اندر ئي پراسيس ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هوندي.
ان مقصد لاءِ اهڙي چپ سيٽ جي ضرورت هوندي جيڪا نيورل پراسيسنگ يونٽ (اين پي يو) سان ليس هوندو.
مائيڪرو سافٽ ڪمپيوٽرز تيار ڪرڻ وارن ڪمپنيز سان گڏوگڏ چپس ٺاهڻ وارن ادارن سان تعاون ڪيو آهي.
پهريون ڪوپائليٽ پلس ليپ ٽاپس 18 جون کان مختلف ملڪن ۾ دستياب هوندو.
مائيڪروسافٽ جي ڪنزيومر چيف مارڪيٽنگ آفيسر يوسف مهدي ٻڌايو آهي ته ڪمپني طرفان ونڊوز ڪمپيوٽرز کي مڪمل طور تي تبديل ڪيو پيو وڃي.
هنن دعويٰ ڪئي آهي ته پائلٽ پلس ڪمپيوٽرز هاڻي تائين سڀ کان وڌيڪ طاقتور ترين ڪمپيوٽرز هوندا.
هن جو چوڻ هو ته اهڙن ڪمپيوٽرز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ريم 16 جي بي، جڏهن ته اسٽوريج 256 جي بي هوندي، جيڪا في سيڪنڊ ٽيرا 40 آپريشنز ڪري سگهندي.
يوسف مهدي موجب ڪوپائلٽس پلس ڪمپيوٽرز ايپل جي ميڪ بڪ ايئرز جي مقابلي ۾ 58 سيڪڙو وڌيڪ تيز هوندو، جڏهن ته اي آءِ ليپ ٽاپس ۾ مسلسل 22 ڪلاڪ تائين بغير چارج جي وڊيوز کي هلائڻ ممڪن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.