اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ٻٽي شهريت رکندڙ شخص کي جج مقرر ڪرڻ تي پابندي جو آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.
جمعيت علماءَ اسلام (ف ) جي ايم اين اي نور عالم خان نجي آئيني ترميمي بل قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو.
بل تحت ٻٽي شهريت رکندڙ شخص کي سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ تي پابندي هوندي، بل ۾ آئين جي آرٽيڪل 177، 193 ۽ 208 ۾ ترميمن جي تجويز ڏني وئي آهي.
بل جي متن موجب، ٻٽي شهريت رکندڙ شخص سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر نه ٿيندو، ٻٽي شهريت وارا عدالتن جي آفيسر ۽ ملازم طور به مقرر نه ٿي سگهندا.
بل موجب، ٻٽي شهريت رکندڙ جج پنهنجي اصل ملڪ جي مفاد کي داءُ تي لڳائيندا آهن. آئين پٽاندڙ ججن جي رياست سان وفاداري کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.
Prev Post
You might also like