اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيريان وائيٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي نااهلي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ پي ٽي باني عمران خان جي مبينا ڌيءَ ٽيريان جيڊ وائيٽ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ لڪائڻ واري معاملي تي نااهلي درخواست بابت ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران نعيم پنجوٿا چيو ته هي معاملو پهريان ئي طئي ٿي چڪو آهي، جڏهن ته فيصلو ويب سائيٽ تي اَپ لوڊ به ٿي چڪو آهي، فيصلو ويب سائيٽ تان هٽائڻ کانپوءِ پريس رليز ذريعي ٻيهر بئنچ جوڙي وئي.
جسٽس طارق جهانگيري عمران خان جي وڪيل کان سوال ڪيو ته اوهان ڪير آهيو؟ اوهان هن ڪيس ۾ وڪيل آهي؟ جنهن تي نعيم پنجوٿا ٻڌايو ته هو پراڪسي ڪائونسل آهي، ڇهن ججن طرفان لکيل خط ۾ به هن ڪيس جو ذڪر آهي.
عدالت چيو ته ٻن ججن جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر ان بابت راءِ ڏني، ان تي حامد علي شاهه چيو ته اِها ٻن ججن جي راءِ هئي، چيف جسٽس طرفان معاملي تي صحيح نه ڪئي وئي هئي.
جسٽس طارق جهانگيري ٻڌايو ته بئنچ جي ٻن ميمبرن چيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ئي نه آهي، خارج ڪئي وڃي، هڪ رڪن جي صحيح نه ٿيڻ سان ڪهڙو فرق پوندو؟ جڏهن ته چيف جسٽس عامر فاروق بئنچ کان ڌار ٿي ويو هو.
حامد علي شاهه چيو ته اوهان ڪا هڪ تاريخ ڏيو ته جيئن مدد ڪري سگهان، جنهن تي جسٽس طارق چيو ته اوهان اِهو ٻڌايو ته جيڪا درخواست خارج ٿي چڪي آهي ان ۾ ڪيئن رليف ڏئي ڇڏيو؟
درخواست گذار جي وڪيل حامد علي شاهه چيو ته کيس مدد لاءِ ڪجهه وقت گهرجي، هو فيصلو ڏسڻ کانپوءِ عدالت جي مدد ڪري سگهندو.
جسٽس طارق جهانگيري چيو ته ٻه جج پنهنجو فيصلو ڏئي چڪا هئا، اِهو فيصلو اڄ اسٽمپ لڳل لفافي ۾ سڀني جي آڏو کوليو ويو.
عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني جي نااهلي لاءِ درخواست پهريان ئي بئنچ خارج ڪري چڪي آهي ۽ اڪثريتي فيصلو اڳواٽ ئي اچي چڪو آهي.
TyrianWhitecase IHC ImranKhan