ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ وارو اسڪينڊل، وزيراعظم 4 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي اسڪينڊل ۾ فوڊ سڪيورٽي جي چئن آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف نگران حڪومتي دور ۾ ڪڻڪ ٻاهران گهرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
حڪومتي ذريعن موجب، واڌو ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ مان گهرائيندڙ ذميوارن جو پتو لڳايو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جاچ ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، وفاقي وزارت نيشنل فوڊ سڪيورٽي جي 4 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سڪيورٽي محمد آصف خلاف باضابطا ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي آهي.
اڳوڻي ڊي جي پلانٽ پروٽيڪشن اي ڊي عابد کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
وفاقي حڪومت پاران فوڊ سڪيورٽي ڪمشنر ون ڊاڪٽر وسيم، ڊائريڪٽر سهيل کي به معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذميوار آفيسرن تي خراب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ غفلت جو چارج لڳايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.