پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان پنهنجي هم شڪل سان ايئر پورٽ تي ٿيندڙ اوچتي ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچاهي ڇڏيو آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هڪجهڙي مقبوليت جي حامل اداڪارا ماهرا خان جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هو هڪ ڇوڪري سان بيٺل آهي.
گردش ڪندڙ تصوير اصل ۾ ڪراسا انور شيخ نالي هڪ واهپيدار انسٽاگرام تي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هو ماهرا خان سان گڏ پاڻ گڏ بيٺل آهي.
ڪراسا انور کي سوشل ميڊيا تي واهپيدارن ماهرا خان جو هم شڪل قرار ڏنو، هڪ واهپيدار لکيو ته ماضيءَ ۾ ڪراسا ماهرا خان جي لڪس ۽ فوٽو شوٽس کي نقل ڪري سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي چڪي آهي.
تصوير جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڪيترن ئي واهپيدارن ماهرا ۽ ڪراسا کي جاڙيون ڀيڻون به قرار ڏنو.
MahiraKhanActress PakistaniGirl tiktoker