”منهنجو پٽ سٺو انسان نٿي سگهيو“ فيصل قريشي جي ماءُ جا پٽ بابت ڏوراپا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي معروف اداڪار فيصل قريشي جي ماءُ ۽ سينئر اداڪارا افشان قريشي پٽ سان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
سينئر اداڪارا تازو ئي پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته منهنجو پٽ فيصل قريشي اسٽار بڻجي ويو آهي، فيصل کي عاملي سطح تي شهرت ملي آهي اڄ هو جنهن مقام تي آهي شايد پاڪستان ۾ ٻيو ڪو ناهي.
افشان قريشي جو چوڻ هو ته سدائين پنهنجي پٽ فيصل قريشي کي وڏو اسٽار ڏسڻ چاهيندي هئس، فيصل قريشي جي ننڍپڻ ۾ خالد بٽ صاحب عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ وڃي رهيو هو ته مون هن کي پنهنجي پٽ جي ڪاميابي لاءِ دعا جو عرض رکيو هو.
سينئر اداڪارا ٻڌايو ته رب کان اها دعا گهري هئي ته منهنجو پٽ وڏو ٿي اميتا بچن وانگي وڏو اسٽار بڻجي ۽ جيترا ماڻهو اميتا بچن کي سڃاڻيندا آهن، اوترا فيصل کي به سڃاڻڻ لڳن.
هن چيو ته مون پنهنجين دعائن ۾ هڪ غلطي اها ڪئي ته الله فيصل کي هڪ سٺو پٽ ۽ انسان بڻائي.
فيصل قريشي جي ماءُ جو چوڻ هو ته پوڙهائپ ۾ والدين جو قدر ڪيو ۽ انهن جي عزت ڪيو ۽ دعائون وٺو.
واضح رهي ته فيصل قريشي جي ماءُ پنهنجي انٽرويو ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ته هنن ۾ ڪهڙا اختلاف آهن.

Pakistan FaisalQuraishi AfshanQuraishi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.