گهر ۾ گئس جو چُلهو صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ آمريڪا ۾ ان جي نتيجي ۾ هر سال هزارين ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.
اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
جرنل سائنس ايڊوانسز ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جن گهرن ۾ گئس جا چلها هوندا آهن، اتي رهندڙ نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ سان ڀرپور فضا ۾ ساهه کڻندا آهن.
اها گئس فضا کي گدلو ڪري انساني صحت کي نقصان پهچائيندي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڊگهي مدي جي بنيادن تي سهڪي جو خطرو وڌندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ان گدلاڻ سان هر سال آمريڪا ۾ 19 هزار ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.
تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اهي چلها قدرتي گئس سان ٻرندا آهن ۽ ان گئس کي ساڙڻ لاءِ نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ جهڙيون گئسون فضا ۾ خارج ٿينديون آهن.
ان گدلاڻ سان ڦڦڙن جي افعالن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي ۽ مختلف مرضن جو خطرو وڌندو آهي.
اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ شامل ماهرن ٻڌايو ته نتيجن سان دريافت ٿيو ته گئس جا چلها صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا.
محققن موجب ان مسئلي کان بچڻ تمام آسان آهي، جيڪڏهن توهان گئس جو چلهو استعمال ڪندا آهيو ته فضا کي گدلو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هوا جي نيڪالي جو سٺو انتظام ڪيو.
#Gas #CNG #SSGC