ايوي ايشن جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري، پاڪستان ۽ جرمن ڪمپني ۾ اهم معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جرمن ڪمپني ۽ پاڪستاني ڪمپني وچ ۾ لائٽ ويٽ جهازن جي پاڪستان ۾ مينوفيڪچرنگ لاءِ معاهدو طئي ٿي ويو، جنهن تحت هاڻ پاڪستان ۾ به بار جائرو ڪاپٽرز جي مينوفيڪچرنگ ٿي سگهندي.
پاڪستان جي اسڪاءِ ونگز ايوي ايشن ۽ جرمني جي سيليئر گروپ ڪمپني وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ مينوفيڪچرنگ لاءِ معاهدو طئي ٿي ويو.
اسڪاءِ ونگز ايوي ايشن جي سي اي او عمران اسلم خان موجب جائرو ڪاپٽرز جي پاڪستان ۾ مينوفيڪچرنگ سان پاڪستان ۾ ايوي ايشن صنعت کي هٿي ملندي ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي سيڙپڪاري جي ڪوششن جي نتيجي ۾ اها وڏي اڳڀرائي ٿي آهي.
جائرو ڪاپٽرز ايئر ايمبولينس، فصلن جي اسپري، پائپ لائنن جي سروي کانسواءِ قدرتي آفتن دوران ۽ سامونڊي علائقن ۾ ريسڪيو لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا.

#Pakistan #Germany #Shahbazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.