ڪوهلي جو پي ايس ايل ۾ آڌرڀاءُ ڪنداسين:شاهد آفريدي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ ويرات ڪوهلي پاڪستان اچڻ جي سٺي ڳالهه ڪئي آهي، ويرات ڪوهلي مان مونکي اهڙي ئي اميد هئي.
ڪراچي ۾ ٽيپ بال ايونٽ ۾ ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ويرات ڪوهلي ڀل پي ايس ايل ۾ اچي يا ڀارتِي ٽيم سان گڏ کيس ويلڪم ڪيان ٿو.
پاڪستان ٽيم جي حوالي سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان ٻڌايو ته صائم ايوب ٽيليٽڊ رانديگر آهي، پاڪستان ٽيم ۾ اهڙو رانديگر هجي جيڪو شروعاتي ڇهه اوور جارحاڻو کيڏي ڏيکاري.
هن جو چوڻ هو ته محمد حارث ۽ صاحبزاده فرحان سان انصاف ناهي ڪيو ويو، آمريڪا جون پچز بيٽنگ لاءِ سازگار هونديون، پاڪستان ٽيم کي ورلڊ ڪپ فائنل لازمي کيڏڻ گهرجي.
شاهد آفريدي چيو ته مان شاهين آفريدي سان ڪرڪيٽ جي حوالي سان گهٽ ڳالهه ٻولهه ڪندو آهيان، هو گهڻو هوشيار آهي کيس ڪرڪيٽ تي فوڪس رهڻ گهرجي.

#ShahidAfridi #ViratKohli #T20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.