ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، داعش ورلڊ ڪپ جي ميچز دوران حملن جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
خابرو اداري موجب 9 جون تي نيو يارڪ ۾ پاڪ ڀارت مئچ ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، جڏهن ته داعش ويسٽ انڊيز کي به ڌمڪي موڪلي آهي.
آمريڪي ۽ ويسٽ انڊيز جي سيڪيورٽي ادارن ڌمڪي ملڻ بعد ورلڊ ڪپ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا آهن.
آمريڪي سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهيون.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جي شروعات پهرين جون تي آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز مان ٿي رهي آهي.
#America #T20Worldcup2024 #Cricket2024