لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرغزستان حڪومت جي درخواست تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سميت پاڪستاني وفد جو بشڪيڪ دورو رد ڪيو ويو.
لاهور ۾ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير درخواست ڪئي ته اسان تي يقين رکو حالتون معمول تي آهن، تنهن ڪري نه اچو، جڏهن ته ڪرغزستان جي سفير چيو گارنٽي ڏيان ٿو ته ڪنهن پاڪستاني شاگرد جو موت ناهي ٿيو.
هن چيو جيڪڏهن ضرورت پئي ته تصديق لاءِ پرڏيهي وزارت جي ڪنهن سينيئر آفيسر کي موڪلي سگهجي ٿو پر اتي نه خوفناڪ صورتحال هئي ۽ نه آهي، حالتون مانيٽر ڪنداسين، جيڪڏهن ٻار واپس اچڻ چاهين ٿا ته ان لاءِ به تيار آهيون، 130 پاڪستاني شاگرد گذريل ڏينهن واپس اچي چڪا آهن، اڄ وڌيڪ 540 واپس پهچندا.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جي درخواست تي اسان کي وڃڻو هو پر ڪرغر حڪومت درخواست ڪئي ته توهان سينيئر آهيو نه اچو نه ته اپوزيشن کي وارو ملي ويندو، اپوزيشن مهم هلائيندي رهندي آهي ته پرڏيهي شاگرد ڇو ايندا آهن، ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي آهي ته اسان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون.
#Bishkek #Pakistan #ishaqdar