21 مئي کان سنڌ ۾ هِيٽ ويو جي اڳڪٿي، گرمي زور وٺندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فضا ۾ هاءِ پريشر جي موجودگي سبب ملڪ جي اڪثر علائقن خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، اهو اثر هفتي جي آخر تائين رهندو.

سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 کان 23 مئي دوران گرمي پد 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌندو ۽ 23 کان 27 مئي تائين گرمي پد 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ 21 مئي کان 27 مئي تائين ڏينهن دوران گرمي پد 04 کان 06 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.