سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪراچي ۾ پبلڪ ٽوائليٽس تعمير ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ۾ پبلڪ ٽوائليٽس تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
پبلڪ ٽوائليٽس بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ڪراچي جي وڏين بازارن، شاهراهن، بس اڏن، جنرل اسپتالن، ڪلينڪس ۽ قبرستانن تائين ٽوائيلٽس ناهن، هزارين سال پهريان موهن جي دڙي ۾ به ٽوائليٽس هيون.
عدالت پوڙهن، عورتن ۽ معذور ماڻهن جي ضرورتن موجب پبلڪ ٽوائليٽس ٺاهڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو ته ڪراچي جي اهڙن جڳهن تي ٽوائيلٽس ٺاهيا وڃن جتي عوام جي پهچ ممڪن هجي.
عدالت صوبي ۾ ڊويزن سطح تي پبلڪ ٽوائليٽس ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪراچي پبلڪ ٽوائليٽس ڪميٽي جو سربراهه ميئر ڪراچي کي ڪنداسين.
عدالت پبلڪ ٽوائيلٽس جي موجود صورتحال، مقام ۽ قابل استعمال هجڻ بابت تفصيل به طلب ڪري ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.