اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي آذربائيجان روانگي سبب جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس هوندو.
خابرو اداري موجب جسٽس منيب اختر سڀاڻي وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻندو.
حلف برداري تقريب سپريم ڪورٽ ججز بلاڪ ۾ ڏينهن جو ساڍا 10 وڳي ٿيندي، جسٽس يحيا آفريدي جسٽس منيب اختر کي حلف کڻائيندو.
تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جا جج ۽ وڪيل به شرڪت ڪندا.
واضِح رهي ته چيف جسٽس بعد منصور علي شاهه سينئر ترين جج آهي، پر هو پرڏيهه ۾ آهي، انڪري جسٽس منيب اختر سڀاڻي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻندو.
Next Post
You might also like