ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جي عبدالحق ڪيمپس ۾ ”آزاد صحافت“ ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ نامياري صحافي اشرف خان پاڪستان ۾ صحافين جي مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي صحافت سخت دٻاءُ جو شڪار آهي، بدقسمتي سان پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي سچ ڳالهائڻ آسان ناهي، صحافين ۽ ميڊيا تنظيمن کي رياستي پريشر گروپن جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صحافت سنگين معاشي مسئلن کي به منهن ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت شهرين کي اظهار راءِ جي آزادي ڏني وئي آهي.
پروگرام کي خطاب ڪندي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي صدر ۽ نامور سينيئر تجزيه نگار ڊاڪٽر توصيف احمد خان ملڪ ۾ صحافت کي درپيش صورتحال جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو.
هن چيو ته هندستان ۾ شايع ٿيندڙ پهرين اخبار هيڪي گزٽ کي ان وقت جي انگريز حڪمرانن قبول نه ڪيو هو ۽ اخبار کي جبري بندش کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پوءِ اخبار ايڊيٽر کي هندستان ڇڏڻو پيو. بدقسمتي اها آهي ته پاڪستان ۾ به صحافي اڄ تائين اهڙن حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هن پاڪستان جي قيام کان وٺي صحافت ۽ صحافين لاءِ ٺاهيل قانونن کي ظالماڻو قرار ڏيندي چيو ته حڪومتن طرفان پابندي مڙهيل قانون ٺاهڻ ۽ شهرين جي اظهار آزادي واري حقن کي تسليم نه ڪرڻ سبب ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم نه ٿي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين کي اظهار جي مڪمل آزادي ملڻ گهرجي. ان موقعي تي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي صدر ڊاڪٽر مسرور خانم شرڪت ڪندڙ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٿورا مڃيا.
پروگرام جي ميزبان ڊاڪٽر عرفان عزيز، سينيئر استاد سعيد عثماني سميت استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ ميزباني جا فرائض ليڪچرار ثمرين سرانجام ڏنا.