ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي وڌي وئي، 48 ڊگري سينٽري گريڊ سان دادو گرم ترين شهر رهيو.
حيدرآباد ۾ 42 ڊگري جي گرمي 47 ڊگري، لاهور ۾ 41 ڊگري جي گرمي 45 ڊگري، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ 37 ڊگري جي گرمي 42 ڊگري ۽ ڪراچي ۾ 37 ڊگري جي گرمي 40 ڊگري محسوس ڪئي وئي.
ان کان علاوه سکر ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ، نوابشاهه ۽ سبي ۾ 46 ڊگري، ملتان، ساهيوال ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.
هلندڙ مهيني هيٽ ويو، برساتن ۽ طوفان جا الرٽ به جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ذريعي 21 کان 27 مئي تائين پنجاب ۾ هيٽ ويو جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
You might also like