ڪراچي ۾ معصوم نينگر گٽر ۾ ڪري فوت، ڊپٽي ڪمشنر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ گٽر ۾ ڪري ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايم ڊي اي جي آفيسرن خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي عدالت ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ سيشن جج پوليس کي درخواستگذار جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بيان جي نظر ۾ ڪيس بڻجي ٿو ته ڪيو وڃي،
عدالت پوليس اختيارين کي حڪم ڏنو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ملير اٿارٽي، يوسي شاهه لطيف ٽائون جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ سيڪريٽري تي به ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
خابرو اداري موجب محسن نالي ٻارڙو 21 مارچ 2024ع ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو.
ٻار جي ڏاڏي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪندي واقعي کي انتظاميا کي غفلت جو نتيجو قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.