لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ 2025 ۾ ٿيندڙ ايڊيشن ڇهن ٽيمن وارو آخري ٽورنامينٽ هوندو.
ميڊيا رپورٽس موجب پاڪستان سپر ليگ جي ٽيمن جي ٿيندڙ اجلاس ۾ پي ايس ايل جي ايندڙ ايڊيشن جي شيڊول کي ڀارتي ليگ آءِ پي ايل سان ٽڪراءَ ۾ رانديگرن ۽ شوقينن لاءِ فائديمند قرار ڏنو ويو.
لاهور ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ليگ جي ڏهين ايڊيشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ايندڙ سال اپريل، مئي جي ونڊو ۾ پاڪستان سپر ليگ ۽ انڊين پريميئر ليگ گڏيل طور ٿيڻ کي رانديگرن ۽ شوقينن لاءِ فائديمند قرار ڏنو ويو.
پي سي بي طرفان فرنچائزز کي وڏن رانديگرن جي خدمتون حاصل ڪرڻ جي مدد جي آڇ ڪئي وئي، ۽ گڏوگڏ فرنچائز کي هڪ رانديگر براءِ راست سائن ڪرڻ جي تجويز به سامهون آئي.
پي ايس ايل ميچز لاءِ پشاور ۽ ڪوئيٽا وينيوز تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، ۽ ٻنهي شهرن ۾ ميچز جي ڪرائڻ جي سازگار ماحول کي مشروط قرار ڏنو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 2025 ۾ ٿيندڙ ايڊيشن ڇهن ٽيمن وارو آخري ايڊيشن هوندو.
ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته 2026 ۾ وڌيڪ ٻن ٽيمن جو اضافو ڪيو ويندو، جنهن سان ايڊيشن ۾ ٽيمن جو انگ 8 ٿي ويندو.
You might also like