190 ملين پائونڊ ڪيس:بشريٰ بي بي ججز تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي بشريٰ بي بي احتساب عدالت ۾ جج تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي.
بشريٰ بي بي ٻڌڻي جي شروعات ۾ احتساب عدالت جي جج تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي ۽ بعد ۾ وڪيلن جي ڊگهي صلاح مشوري بعد بي اعتمادي واپس ورتي وئي.
190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڪنهن به شاهد جو بيان رڪارڊ نٿي سگهيو، ان کان پهريان بشريٰ بي بي ڪاوڙ ۾ عدالت جي ڪمري ۾ داخل ٿي وئي ۽ پي ٽِي آءِ باني ڏي وڃڻ بجاءِ الڳ ويٺي رهي.
عدالت جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي ٿوري دير بعد بشريٰ بي بي ڪاوڙ ۾ روسٽرم تي اچي وئي ۽ چيو ته پهرين ڪيسن ۾ ججز تي اعتماد نه هو ۽ هن عدالت تي به بي اعتمادي آهي.
بشريٰ بي بي چيو تج 15 مئي تي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هئي پر ڪنهن نه ٻڌايو.
عدالت چيو ته 15 مئي تي ٻڌڻي ملتوي ٿي هئي، بشريٰ بي بي چيو ته مان انهي ڪيس ۾ قيدي ناهيان پر ناانصافي سبب جيل ۾ آهيان.
عدالت وڪيلن ۽ پي ٽِي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي ۾ تي ڀيرا وقفو ڪيو ۽ ڊگهي صلاح مشوري بعد بي اعتمادي واپس ورتي وئي، عدالت ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.