واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري، ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت سان طلب ڪري ورتو.
چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پريس ڪانفرنس جا تفصيل طلب ڪيا.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس سوال ڪيو ڇا اوهان پريس ڪانفرنس ٻڌي آهي؟، جنهن تي عامر رحمان جواب ڏنو ته مون وٽ جيڪا وڊيو آئي آهي ان ۾ آواز ئي ناهي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجي خلاف ان کان وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن پر مون انهن کي نظرانداز ڪيو آهي، نظرانداز ڪرڻ جو فائدو وٺندي انهن تقريرون شروع ڪري ڏنيون آهن.
قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن ڪا ڳالهه خراب آهي ته انهن جا نالا کڻي تقرير ڪيو، باقي اداري کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ادارا عوام جا هوندا آهن، ادارن کي بدنام ڪرڻ ملڪ جي خدمت ناهي.
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته پريس ڪانفرنس ۾ تقريرون ڪيون ويون، فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال اسيمبلي ميمبر آهن، ٻنهي پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ گهرجي ها، ائين لڳي پيو ته جيئن ڪنهن خاص مقصد جي ڪري ائين ڪيو ويو.
چيف جسٽس رمارڪس ۾ ٻڌايو ته مارشل لا جو ڪڏهن به دفاع نه ڪندس، جيڪڏهن مون ڪجهه غلط ڪيو آهي ته ان جي سزا ٻين ججز کي نٿي ڏئي سگهجي، بندوق کڻڻ واري سڀ کان ڪمزور هوندو آهي ڇو ته ان وٽ ڪجهه ناهي هوندو.
عدالت سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت سان طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.