پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ علي محمد خان اڊيالا جيل انتظاميا خلاف هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ بيان ۾ علي محمد خان چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملڻ نٿو ڏنو وڃي، توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائينداسين.
هن جو چوڻ هو ته مونکي نه گذريل حاضري تي ۽ نه وري هن ڀيري ملڻ ڏنو ويو، جيل انتظاميا خلاف هاءِ ڪورٽ ويندس.
پي ٽي اڳواڻ چيو ته مان به هن جيل ۾ رهيو آهيان، مونکي به جيل ۾ فٽ بال بڻايو ويو هو، سيڪيورٽي بهانو آهي، دفاع ۽ سلامتي جي ادارن تي اعتماد آهي.
You might also like