مسئلا حل ڪيو نه ته سڄي ملڪ جي بجلي بند ڪري ڇڏيندس:علي امين گنڊاپور

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وفاقي حڪومت کي بلن ۽ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو.
صوبائي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اوهان جو زور ۾ ڪشمير ۾ ڏسي ورتو، ڪشمير آڏو هڪ ڏينهن ۾ حڪومت جي هوا نڪري وئي، ڪي پي ڪي عوام نڪري آئي ته ڪهڙو حشر ٿيندو.
هن جپ چوڻ هو ته ملڪ جي بجلي آن ۽ آف ڪرڻ جو بٽڻ ڪي پي ڪي وٽ آهي، ويهي ڪري مسئلا حل ڪريو نه ته غير ذميوار لفظ ننڍو هوندو، ڳالهه نه ٻڌي وئي ته صوبي ۾ واپڊا جي آفيسن کي ٽيڪ اوور ڪري ڏيکاريندس، پنهنجي صوبي جي عوام لاءِ چور جو لفظ برداشت نه ڪندس.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وفاق کان هن سال جا 50 رپيا ٻن مهينن ۾ گهري ورتا ۽ چيو ته اهو اسان جو حق آهي، هر هر درخواست ناهي ڪئي ويندي، ڪي پي ڪي کي وفاق 300 ارب رپيا گهٽ ڏنا آهن.
علي امين چيو ته سياسي پارٽين کي هڪ نه هڪ ڏينهن پي ٽي آءِ سان ٿيل سلوڪ تي پڇتاءُ ٿيندو، تڪ ضرور کلندا ۽ چوري ٿيل مينڊيٽ به واپس ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.