عدليه ڌمڪيون ڏيندڙن کي نااهل ڪري؛ شيخ وقاص اڪرم

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته عدليه ڌمڪيون ڏيندڙن کي نااهل ڪري.اي آر واءِ نيوزجي پروگرام آف دي رڪارڊ ۾ ڳالهائيندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته اهڙيون پريس ڪانفرنسون فارم 47 يا آزاد سينيٽرن جي پيداوار آهن.شيخ وقاص اڪرم چيو ته جيڪي وزيرن کان ووٽ وٺي سينيٽر بڻيا آهن اهي عدليه تي حملا ڪرڻ لڳا آهن.هن چيو ته ججن جي خط کانپوءِ واضح ٿي ويو آهي ته عدليه دٻاءُ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان علاوه ٻين ججن به دٻاءُ بابت خط لکيا آهن. ڌمڪيون ڏئي عدليه کي دٻائڻ جي ڪوشش احمقانه ڪوشش آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.