فيصل واوڊا اسٽيبلشمينٽ جو ونگاري،ججن مٿان دٻاءُ جو اعتراف ٿي ويو

اسلام آباد(عمران شفقت+عبدالقيوم صديقي+عمران وسيم+اعزاز سيد)فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن دشمن جي ضرورت ناهي رهي،هن هڪ طرح سان ثابت ڪري ڇڏيو ته ججن مٿان دٻاءُ آهي،ملڪي حالتون گرينڊ آپريشن جي گهرج ڪري رهيون آهن، رڳو عمران خان کي خرابين جي پاڙ قرار ڏئي پنهنجو پاڻ آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي،پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪرڻو پوندو، فيصل واوڊا سوال ڀلي پڇي پر ڌمڪيون نه ڏئي،هو ڪنهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي؟ هو پاڻ اعتراف ڪندو رهيو آهي ته منهنجو،انوارالحق ڪاڪڙ ۽ محسن نقوي جو هڪ ئي ”قبيلو“ آهي،هن بابر ستار سميت 6 ججن کي ڌمڪي ڏني آهي،سوال اهو آهي ته فيصل واوڊا جو پٽڪو ڪنهن لاٿو آهي؟بابر ستار ۽ ٻيا جج ته ڳجهن ادارن جي مداخلت تي سراپا احتجاج آهن،فيصل واوڊا فوج ۽ ڳجهن ادارن جو ڪيس خراب ڪري رهيو آهي،هي اشرافيه جي لڙائي آهي،هو ججن کي ٻڌائي رهيو آهي ته مان اسٽيبلشمينٽ جو  نمائندو آهيان، فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس ججن تي دٻاءُ هو،ملڪ ۾ خرابي اسٽيبلشمينٽ جي پيدا ڪيل آهي،ان کي صفائي ڪرڻي پوندي،عدليه ۽ ايگزيڪيوٽو وچ ۾ ڇڪتاڻ تيزي ٿيندي نظر اچي رهي آهي، فيصل واوڊا جسٽس بابر ستار جي آمريڪي شهريت بابت معلومات وٺڻ چاهي ٿو، فيصل واوڊا جي بقول کيس گمان آهي ته بابر ستار رات جي اونداهي ۾ ڪنهن سان نه ملندو هوندو،مون کي گمان آهي ته هو دلير جج آهي،هن ”گمان“ جي نالي تي گهڻيون ڳالهيون ڪيون آهن،هن پريس ڪانفرنس ۾ جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس اطهر من الله کي ٽارگيٽ ڪيو آهي،هن پاران پيغام ڏنو پيو وڃي،عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جهيڙو سخت ٿي ويو آهي،ٿي سگهي ٿو ته اٽارني جنرل کي هٽايو وڃي،فيصل واوڊا عدليه کي ڌمڪين تي لهي آيو آهي،

  1. ادارن جي حمايت ۾ فيصل واوڊا جي ڌمڪين واري پريس ڪانفرنس

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ٻٽي شهريت وارا عدالتن ۾ ويٺل آهن، اوهان لاءِ شراب حلال، اسان جي لاءِ حرام آهي.فيصل واوڊا چيو ته ٻڌايو وڃي ڪنهن عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت ڪئي، 15 ڏينهن گذري ويا، مون خط ۾ تفصيل گهريا پر  جواب نه آيو، جسٽس بابر ستار کي هڪ سال کان پوءِ ڳالهيون ياد اچي رهيون آهن، آرٽيڪل 2 جي تحت ججز جي باري ۾ چيو ويو. ڪابه لالچ نه هجڻ گهرجي، ڪي دستاويز آهن اهي ڏنا وڃن، مداخلت جون شاهديون سامهون آڻيو، اسان اوهان سان گڏ آهيون.هن چيو ته تاريخ جسٽس اطهر من الله کي ياد رکندي. سوال اهو آهي ته جج ٻٽي شهريت تي ڪيئن ويٺل آهن؟ پاڪستان سان تمام گهڻڻو مذاق ڪيو ويو آهي، اهي شڪ ۽ وسوسا هاڻ ختم ٿيڻ گهرجن. اميد ڪري رهيو آهيان ته جواب جلد ايندو ۽ اچڻ به گهرجي، اسان جواب وٺنداسين.هن چيو ته آئين ۽ قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته بارڊر تي فوجي ۽ پوليس وارا پنهنجون جانيون قربان ڪندا. هر ڀيري انٽيليجنس ادارن جو نالو ورتو پيو وڃي. سپريم جوڊيشل ڪونسل کي انهي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي.فيصل واوڊا چيو ته اسان کي پاڪستان کي معاشي بحران کان بچائڻو آهي،  ڪير اسان جي عزت احترام ڪندو ته اسان سندن ٻيڻي عزت ڪنداسين ڪو بدمعاشي ڪندو ته ڊبل بدمعاشي ڪري ڏيکارينداسين اسان جي ادارن جو مذاق اڏايو پيو وڃي جنهن ۾ سياستدان به شامل آهن، اهو سڀ ڪجهه هاڻ بند ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته مان ڪنهن جو به ترجمان نه آهيان، مان پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، سوشل ميڊيا تي جيڪا منفي مهم هلي رهي آهي ان جي مذمت ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.