آءِ ايم ايف کي ايس آءِ ايف سي آپريشنز ۾ شفافيت جي خاطري

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي SIFC جي عملن ۾ شفافيت جو يقين ڏياريو آهي. پاڪستان ۽ آءِ  ايم ايف وچ ۾ نئين بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ ڳالهيون جاري آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيڙپڪاري پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ فريم ورڪ تحت ٿيندي. بريفنگ ۾ آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري جا اڻ برابري وارا موقعا پيدا نه ڪيا ويندا. ايف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنهن به مراعات يا ضمانت واري واپسي جو واعدو نه ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ آءِ ايم ايف کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي ماحول کي خراب نه ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي. آءِ ايم ايف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس آءِ ايف سي لاءِ شفافيت وارو ميڪنزم اختيار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.