انگلينڊ ورلڊ ڪپ کان پهريان پاڪستان خلاف سيريز لاءِ پنهنجن اهم رانديگرن کي آءِ پي ايل مان واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ رانديگر آءِ پي ايل ۾ پنهنجي ٽيمن کي ڇڏي وطن واپس روانا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.
آءِ پي ايل کي اڌ ۾ ڇڏي رانديگرن جي وطن واپسي تي اڳوڻو ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ تي ڪاوڙجي پيو ۽ رانديگرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
انگلينڊ جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر ول جيڪ، ريس ٽو بلي آءِ پي ايل ۾ دهلي ڪيپيٽلز خلاف مئچ کٽڻ بعد واپس روانا ٿي ويا آهن، ان کان علاوه جوز بٽلر ۽ فل سالٽ به روانگي جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.
انگلينڊ جي رانديگرن معين علي، جوني بيريسٽو ۽ سيمن ڪيورن به هلندڙ هفتي ڀارت کان واپس روانا ٿي ويندا، انگلينڊ جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل سمورا رانديگر پاڪستان خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي مئچ کان پهريان هلندڙ ليڊر ۾ جمع ٿيندا.
رانديگرن جي وطن واپسي تي ڀارتي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر رانديگرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
You might also like