آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي:بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي.
هڪ بيان ۾ بابر اعظم چيو ته پهرين مئچ بعد ٽيم جي بيٽنگ ۾ گهڻو ڪري بهتري آئي آهي، انفرادي ڪارڪردگي ۾ رضوان ۽ فخر سرفهرست رهيا آهن.
بابر اعظم جو چوڻ هو ته لوئر آرڊر ۾ افتخار ۽ اعظم خان جي به ڪارڪردگي بهتر آهي، ايندڙ سيريز ۾ اوهان کي هاڪاري ارادا نظر ايندا.
ڪپتان ٻڌايو ته بالنگ ۾ پهرين مئچ بعد سينئر بالرن ذميواري کنئي، عماد وسيم ڏکي وقت ۾ سٺي بالنگ ڪرائي رهيو آهي، جيڪو به پلان آهي ان تي عملدر آمد ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته ڪوشش آهي ته انگلينڊ خلاف سيريز ۾ به ساڳو ئي مومينٽم برقرار رهي، انگلينڊ خلاف بهتر ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.