آسٽريليا جو ڊيوڊ ريڊ قومي ٽيم جو مينٽل پرفارمنس ڪوچ مقرر

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) آسٽريليا جي ڊيوڊ ريڊ کي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو مينٽل پرفارمنس ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ڊيوڊ ريڊ انگلينڊ سيريز لاءِ به پاڪستان ٽيم سان گڏ هوندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم منيجمينٽ ۾ پرفارمنس ڪوچ جي مقرري ڪئي وئي آهي، ان عهدي لاءِ آسٽريليا جي مشهور مينٽل هيلٿ ماهر ڊيوڊ ريڊ جي مقرري ڪئي وئي آهي، جيڪو ان کان پهريان آءِ پي ايل ۾ چنائي سپر ڪنگ، بگ بيش ٽيم ملبرن اسٽارز ۽ آسٽريلوي اولمپڪ ايٿيليٽس سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي.
بي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته رانديگرن جي ذهني صلاحيتن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ نه صرف پي سي بي جي ترجيح آهي پر ان جو بنيادي عهد به آهي ڇو ته گرائونڊ ۾ پرفارمنس جو تعلق رانديگرن جي ذهني صلاحيتن تي هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.