اسلام آباد (ويب ديسڪ) وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت ۽ دٻاءَ جي الزامن جي رد ڪندي چيو آهي ته ان معاملي تي ايترو اڳتي نه ڪيو وڃي، ڇو ته ڳالهه قومي سلامتي جي آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هڪ معزز جج جي لکيل خط مان تاثر ملي ٿو ته انٽيليجنس ۽ دفاعي ادارا ججن جي ڪم ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت ڪرڻ چاهين ٿا يا ڪن ٿا، جيڪڏهن اٽارني جنرل طرفان هڪ پيغام ويندو آهي ته ان ڪئميرا بريفنگ ڪئي وڃي ته هڪ خط لکيو ويندو آهي، جنهن ۾ چيو ويندو آهي ته مون کي چيو پيو وڃي پوئتي هٽي وڃو.
هنن چيو معاملي تي ايترو اڳتي نه وٺي وڃو، ڇو ته ڳالهه قومي سلامتي جي آهي، ڪو معاملو ڊسڪس ڪرڻو آهي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ گهرائي سگهي ٿو، جنهن چيف جسٽس سان روز ملاقات ٿيندي آهي ان کي خط لکڻ معاملي کي تڪراري بڻائڻ واري ڳالهه آهي.
سندن چوڻ هو ته قومي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ان مسئلي کي وٺي قومي سلامتي تي سوال اٿاريو ويندو ته اهو مناسب نه هوندو، اسان سمجهون ٿا ته سڀني ادارن کي ان تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
You might also like