اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر ستار جي فيملي جي ڄاڻ ليڪ ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ پيمرا ۽ ٻين ادارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جسٽس بابر ستار جي فيملي جي ڳجهي ڄاڻ ليڪ ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل لارجر بئنچ ڪئي.
عدالت اٽارني جنرل آفيس، ايف آءِ اي، آءِ بي، آءِ ايس آءِ ۽ پيمرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس محسن اختيار ڪياني چيو ته اسان سڀني ادارن کي نوٽيس ڪري رپورٽ گهرائينداسين.
پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.