جيڪڏهن اوهان چيٽ جي بي ٽي جو مفت ورجن استعمال ڪندا آهيو ته پوءِ اي آءِ جي اها سروس اڃا وڌيڪ بهتر محسوس ٿيندي.
اوپن اي آءِ نئون فليگ شپ اي آءِ ماڊل جي پي ٽي فور او متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ واهپيدارن لاءِ گهڻيون ئي تبديليون ڪيون ويون آهن.
ان نئين اي آءِ ماڊل سان گڏو گڏ ڪمپني طرفان هڪ نئين ڊيسڪ ٽاپ ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته وائيس اسسٽنٽ کي به وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
هڪ ايونٽ دوران ان نئين ماڊل کي متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ان موقعي تي اوپن اي آءِ جي چيف ٽيڪنالاجي آفيسر ميرا مورتي هن نئين ماڊل کي اي آءِ ٽيڪنالاجي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي قرار ڏنو.
ان نئين ماڊل سان واهپيدارن کي وڌيڪ طاقتور ۽ سٺو چيٽ جي بي ٽي 4 اي اي آءِ چيٽ بوٽ مفت ۾ دستياب هوندو، جيڪو هاڻي ويهه ڊالر مهينو ادائگي ڪري استعمال ڪري سگهجي ٿو.
You might also like