پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ چيو آهي ته يقين نٿو اچي ته پاڪستاني عوام جي دلين ۾ به هاڪي جي لاءِ ايتري عزت موجود آهي ۽ اذلان شاهه ڪپ بعد واپسي تي جيتري سپورٽ ملي آهي، اها لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عماد بٽ جو چوڻ هو ته هر پاڪستاني جي خواهش آهي ته ملڪ جو نالو روشن ٿئي، گهڻي ئي عرصي کان پاڪستاني هاڪي ٽيم کي سپورٽ ئي ڪيو پئي ويو، پر وزير اعظم ، رانا مشهود ۽ هاڪي فيڊريشن جو شڪر گذار آهيان جن ايترو سپورٽ ڪيو.
You might also like