مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ عوامي ايڪٽ ڪميٽي ۾ مطالبن جي منظوري بابت معاهدو طئي ٿي ويو.
آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري موجب آل ڄمون ڪشمير عوامي ايڪشن ڪميٽي جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن ۽ مطالبن جي منظوري بابت معاهدو به طئي ٿي ويو آهي.
چيف جسٽس چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن آزاد ڪشمير حڪومت اٽو سستو ڪرڻ ۽ بجلي جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب اٽي جي في مڻ قميت ٻه هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ 20 ڪلو اٽي جي قيمت هڪ هزار رپيا هوندي.
ان کانسواءِ 100 يونٽ تائين بجلي جي قيمت 3 رپيا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي، 100 کان 300 يونٽ تائين 5 رپيا ۽ 300 کان وڌيڪ تي 6 سئو رپيا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪمرشل 300 يونٽن تائين 100 رپيا ۽ 300 کان وڌيڪ تي 15 رپيا في يونٽ قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته بجلي جي بلن ۽ مهانگائي خلاف عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اپيل تي آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ٿيو ۽ مختلف شهرن مان قافلن لانگ مارچ ڪيو.
آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ۽ ڇڪتاڻ دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ پوليس اي ايس آءِ به مارجي ويو.
You might also like