پير ڳوٺ ويجهو مڱڻيجا- ناريجا برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، پوڻا 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي ) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ گل حسن مڱڻيجو ۾ مڱڻيجا ۽ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين پاڻي جي موٽر چوري معاملي تان هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو پير پاڳارو جن جي حڪم تي جوڙيل فيصلا ڪاميٽي جي سردار معظم علي عباسي جي سرپئنچي ۾ ٿيو جڏهن ته مير شاهنواز ٽالپر، اظهر علي ڪماريو، شاهنواز جوڻيجو ڪاميٽي جي ميمبر طور شرڪت ڪئي. نيبري ۾ ناريجا ڌر ڏانهن صاحب خان ناريجو بيان ڪيو جڏهن ته مڱڻيجا ڌر ڏانهن احسان مڱڻيجو بيان ڪيا. جڏهن ته مڱڻيجا ڌر جي قتل ٿيل ڇڱي مڙس سعيد مڱڻيجو جو ڳالهيون نه ٿيون ٻنهي ڌرين جي ٽن ٽن خونن جون نبيرو ڪيو ويو بيان ٻڌڻ کانپوءِ فيصلا ڪاميٽي جي سرپئنچ سردار معظم خان عباسي ڪاميٽي ميمبرن جي صلاح مشوري کان پوءِ ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 89 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا جاري ڪئي. فتوا درمحمد سانگي پڙهي ٻڌائي.  جڏهن ته ناريجا ڌر تي مڱڻيجا ڌر جي ڪليم ﷲ مڱڻيجو سميت ٻن قتلن هڪ ڄڻي زخمي ڪرڻ جو 55 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو مڱڻيجا ڌر جي قتل نوجوان شوڪت مڱڻيجو جهيڙي سان ڪو به تعلق ثابت نه ٿيڻ تي سندس امڙ جي سامهون رستي ويندي گوليون قتل ڪرڻ جو ڏنڊ 25 لک روپيا رکيو ويو صدمي ۾ امڙ جي فوت ٿيڻ جا ساڍا 12 لک پڻ ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته ناريجا ڌر مٿان چوري پڻ ثابت نه ٿي سگهي جنهن جي موقعي تي ساک طئي وئي ڪئي. فتوا ۾ ناريجا برادري جي  ممتاز ناريجو، دلبر ناريجو سميت ٽن قتلن جو ڏنڊ 75 لک روپيا وڌو ويو جڏهن لاش جي بي حرمتي ڪرڻ جو پڻ ساڍا 12 لک رپيا ڏنڊ رکيو. موقعي تي ناريجا ڌر ڏنڊ جي رقم مان هڪ روپيا ادا ڪيو ويو جڏهن ته مڱڻيجا ڌر پڻ 50 هزار ادا ڪيو باقي رقم ڏنڊ رقم 6 مهينن اندر ٽن قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي هر هڪ ڌر پاپند هوندي. نبيري کان ڌريون کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. وڌيڪ آڳرائي ڪندڙ ڌر 50 لک روپيا ڏنڊ ڀريندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.