لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ ڪرنسي نوٽ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير ڇاپڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پ پ سينٽرل پنجاب جي اهتمام هيٺ ”ڀٽو ريفرنس ۽ تاريخ“ جي عنوان سان لاهور ۾ سينيمار ٿيو، جنهن جو خاص مهمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هو.
پ پ سيمينار ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي متن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي هيرو جو درجو ڏنو وڃي، پاڪستان جي اعليٰ سول اعزاز سان نوازيو وڃي، ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار کي قومي شهيد جو درجو ڏنو وڃي.
ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي قائد عوام جي لقب سان نوازيو وڃي ۽ ڪرنسي نوٽ تي سندس تصوير ڇاپي وڃي.
Prev Post
Next Post
You might also like